ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي شهر جي 13 مختلف هنڌن تي جماعت اسلامي طرفان ڌرڻا هڻڻ سبب شهر ۾ ٽريفڪ جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي.
جماعت اسلامي طرفان شهرجي انفراسٽرڪچر، اي چالان ۽ وڌندڙ بدامني جي خلاف مختلف علائقن ۾ ڌرڻا هنيا ويا آهن.
جماعت اسلامي جي اڳواڻ سيف الدين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت شهرين کي ڪا به سهولت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اسٽريٽ ڪرائم چوٽ چڙهيل آهي، جنهن سبب شهرين جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي.
You might also like