ممبئي (ويب ڊيسڪ) ويجهڙائي ۾ رليز ٿيل پاڪستان مخالف بالي ووڊ فلم ”ڌُرنڌَر“ ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ رنوير سنگهه بابت حيرت انگيز انڪشاف ٿيو آهي ته اداڪار جي وڏڙن جو تعلق سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سان هو.
فلم ۾ رنوير سنگهه ڀارتي ڳجهي ايجنٽ جسڪريت سنگهه رنگي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو دهشتگردي خلاف ڪارروائي لاءِ ڪراچي جي لياري علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو.
فلم ۾ هي ڪردار روزگار جي ڳولا ۾ هڪ بلوچ جي روپ ۾ ڪراچي پهچي ٿو، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو رنوير سنگهه هن وقت سوشل ميڊيا ۽ ڀارتي ميڊيا تي ڇانيل آهي.
پر دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته رنوير سنگهه جو تعلق هڪ سنڌي ڪٽنب سان آهي، سندس اصل نالو رنوير سنگهه ڀاوناڻي آهي ۽ سندس وڏڙا 1947ع ۾ گڏيل هندوستان جي ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي کان ممبئي لڏي ويا هئا.
اهڙي ريت فلم ۾ ڪراچي سان واڳيل ڪهاڻي ڪنهن حد تائين رنوير جي خانداني تاريخ سان به جڙيل محسوس ٿئي ٿي.
رنوير سنگهه جي سنڌي ثقافت سان وابستگي سندس ذاتي زندگي ۾ پڻ نمايان آهي، 2021 ۾ هن سوشل ميڊيا تي پنهنجن پسنديده سنڌي کاڌن جهڙوڪ سنڌي ڪڙي، چانورن جو ذڪر ڪيو هو.
ان کانسواءِ رنوير پنهنجي شادي دوران اٽلي ڪومو ڍنڍ ۾ سنڌي ريتن رسمن ادا ڪري پنهنجي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي هئي.
”ڌُرنڌَر“ جو مُک ڪردار رنوير سنگهه سنڌي ۽ ڪراچي سان تعلق؟ دلچسپ حقيقتون سامهون اچي ويون
Prev Post
You might also like