ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان آبي حقن تي سوديبازي نه ڪندو: نائب وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت جي جارحاڻن آبي قدمن سبب ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿي ويا آهن.
اسلام آباد ۾ سفيرن کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڀارت اپريل 2025ع ۾ سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفي طور معطل ڪيو، ڀارت بنا اڳواٽ اطلاع جي چناب درياهه ۾ پاڻي ڇڏيو، گڏيل قومن جي خاص ماهرن ڀارت جي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان اِهو معاملو بار بار سلامتي ڪائونسل ۾ به اُٿاريو آهي.
هن چيو ڀارتي قدم عالمي قانون ۽ ويانا ڪنوينشن جي آرٽيڪل 26 جي ڀڃڪڙي آهن، ڀارت منظم طريقي سان سنڌ طاس معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت جو تازو قدم پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي کليل مثال آهي، ڀارتي آبي قدم پاڪستان جي غذائي سلامتي لاءِ خطرو آهن، ڀارتي قدم انساني بحران کي جنم ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
اسحاق ڊار چيو ته سنڌ طاس معاهدو ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو اهم ذريعو آهي، پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻي روڪڻ يا ان جو رخ موڙڻ جنگي قدم تصور ڪيو ويندو ۽ اسان پنهنجي آبي حقن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت هائيڊرولاجيڪل ڊيٽا ۽ گڏيل نگراني جو عمل روڪي ڇڏيو آهي، ڀارت طرفان تڪرارن جي حل کان پاسو ڪرڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارتي گهرو وزير معاهدو بحال نه ڪرڻ ۽ پاڻي جو رخ موڙڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، گڏيل خاص ماهرن پڻ ڀارت جي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.