اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان جي آءِ ايس ايف ۾ شامل ٿيڻ جي ممڪن معاملي تي سياسي ۽ دفاعي حلقن ۾ بحث ٿي رهيو آهي. تجزئي نگارن موجب آمريڪا پاڪستان تي انٽرنيشنل اسٽيبلائيزيشن فورس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دٻاءُ وڌائي رهيو آهي، پر آخري فيصلو شرطن ۽ ضابطن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ ئي ڪيو ويندو. بحث ۾ چيو ويو ته وائيٽ هائوس سان لاڳاپن جي هڪ قيمت آهي ۽ پاڪستان کي به ان حوالي سان فيصلا ڪرڻا پوندا. تجزئي نگارن مزمل سهروردي ۽ سلمان جاويد موجب، ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي دٻاءُ جي صورت ۾ پاڪستان لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته ترڪي ۽ ٻيا مسلمان ملڪ پاڻ کي فورس کان الڳ رکي رهيا آهن. تجزئي نگارن واضح ڪيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته ان جو ڪردار صرف امن برقرار رکڻ تائين محدود هوندو، ۽ ڪنهن به هٿياربند گروپ کي غير مسلح ڪرڻ ان جي ذميواري ناهي. ٽرمپ ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي وچ ۾ امڪاني ملاقات کي هن معاملي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.