اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)وزيراعظم پاڪستان جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيڪڏهن امن ۽ امان جي صورتحال پيدا ٿي ته عمران خان کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو۔نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هينئر تائين جنهن تعداد ۾ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن اڊيالا جيل ٻاهران گڏ ٿين ٿا، ان کي ڏسندي عمران خان جي منتقلي جي ڪا ضرورت نٿي بڻجي۔هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقات جي معاملي کي سياسي ايونٽ بڻائي ڇڏيو آهي، اهي ملاقات لاءِ نه پر احتجاج ۽ ڌرڻي لاءِ گڏ ٿين ٿا۔رانا ثناءُالله جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ٽڪراءُ چاهي ٿي ته جيئن کين فائدو ملي ۽ پوءِ ان تي سياست ڪئي وڃي،هن چيو ته پي ٽي آءِ پرڏيهه ۾ پاڪستان خلاف محاذ کولڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري چڪي آهي، پر کين ڪا به ڪاميابي نه ملي آهي۔عمران خان کي جيڪو مقبوليت جو غرور آهي، اهو به ختم ٿي ويندو، ۽ جلسن ۾ اچڻ وارن ماڻهن جو انگ ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندو ويندو۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ رانا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن عمران خان جا پٽ رڳو پنهنجي والد سان ملاقات لاءِ اچن ته کين مڪمل اجازت هجڻ گهرجي، پر جيڪڏهن سندن پروگرام ڪجهه ٻيو هجي ته اجازت نه هئڻ گهرجي۔هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي ضد ڇڏي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، مان اڄ به ڳالهه ٻولهه جي حق ۾ آهيان،غزا ۾ فوج موڪلڻ بابت سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن پاڪ فوج اتي وڃي ٿي ته اها فلسطيني ڀائرن جي مدد لاءِ ويندي۔