اسلام آباد( بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي هڪ ٻئي شرط تي عمل لاءِ قدم تيز ڪري ڇڏيا آهن، ۽ شوگر سيڪٽر کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ پاليسي جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، رپورٽ مطابق خوراڪ جي تحفظ واري وزارت جو چوڻ آهي ته شگر سيڪٽر کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ پاليسي جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي منظوري وفاقيڪابينا کان حاصل ڪئي ويندي. پاليسي تحت نين شگر ملز تي پابندين ۽ شگر ملز لڳائڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي اجازت جو شرط ختم ڪرڻ جون تجويزون شامل آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته شوگر ملز کي خام کنڊ جي درآمد جي اجازت ڏيڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي پر شگر ملز کي ڪرشنگ سيزن ۾ خام کنڊ جي درآمد جي اجازت نه هوندي. شوگر ايڊوائزر بورڊ کي ختم ڪرڻ ۽ شوگر سيڪٽر جي ڊي ريگوليشن لاءِ قانونن ۾ ترميمن جي تجويزون ڏنيون ويون آهن.هلندڙ سال عوام کان پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1468 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ پيٽروليم ليوي جي وصولين جا ڪاٿن جا تفصيل سامهون آيا آهن. هلندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم لي وي جي وصولي جو ڪاٿو 1468 ارب رپيا آهي، جڏهن ته 4 سال کان پوءِ پاڪستانين کان پيٽروليم ليوي جي مد ۾ سالياني وصوليون 2212 ارب رپين تائين پهچڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.شهرين تي اڳ ئي پيٽروليم لي وي سبب وڏو بار آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ پيٽروليم ليوي وصولي لاءِ 1638 ارب رپيا ۽ مالي سال 2028-27 ۾ پيٽروليم ليوي وصولي جو ڪاٿو 1787 ارب رپيا لڳايو ويو آهي جڏهن ته مالي سال 2029-28 ۾ پيٽروليم ليڪي وصولي جو 1989 ارب رپيا آهي۔