ٻيا صوبا نااهلي لڪائڻ لاءِ چون ٿا پنجاب وٽ پئسو آهي\مريم نواز

 لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب جي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بيانيي جي راند کيڏڻ وارن ملڪ کي تباهي ۽ ڊيفالٽ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، عوام بک وگهي مرڻ لڳو آهي ۽ انهن کي جيلن کان ٻاهر ڌرڻو ڏيڻ کان واندڪائي ناهي.لوڌران ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب ۾ خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪي صوبا چون ٿا ته پنجاب وٽ تمام گهڻو پيسو آهي، اهي پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن.مريم نواز جو چوڻ هو ته هر صوبي وٽ اين ايف سي کان گهڻو پيسو آهي، پر پنجاب ۾ جيڪو پيسو آهي، اهو عوام تي خرچ ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.