سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي\عوامي تحريڪ

پڊعيدن/ميهڙ(پ ر) امڪاني 28هين ترميم ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ، 27هين ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، ڌاڙيل راڄ، ڪارو ڪاري ۽ جاگيرداري خلاف عوامي تحريڪ طرفان زبردست عوامي سجاڳي مهم، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، جو پڊعيدن، چيھو ۽ ڳوٺ دريا خان راڄپر سميت ضلعي نوشهرو فيروز جي مختلف ڳوٺن جو دورو، ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت، 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ اعلانيل سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ ۾ ڳوٺاڻن کي شرڪت جي دعوت. ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ڪاشف ملاح، لطيف ڀٽي، حسين سومرو، ڊاڪٽر فدا ڀيريو، عبدالسلام سومرو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سارين، ڪمند، ڦٽين سميت سمورن فصلن جا اگهه لاهي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌي قوم جي وجود کي ميسارڻ لاءِ هڪڙي پاسي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرالله گڏاڻي، استاد الله رکيو نندواڻي سميت سمورن شهيدن جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.. ٻئي پاسي  نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي ميهڙ جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو. ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت، 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ اعلانيل سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ ۾ ڳوٺاڻن کي شرڪت جي دعوت. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٻه قانون لاڳو آهن، خاص ماڻهن جي لاءِ خاص رعايتون ۽ سڄي عمر لاءِ استثنا حاصل آهي، باقي ملڪ جي ماڻهن الڳ قانون آهي. پيڪا قانون تحت ميڊيا جو آواز بند ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته  سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ درياهه جي تحفظ لاءِ سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻو پوندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.