ٻيا صوبا نااهلي لڪائڻ لاءِ چون ٿا پنجاب وٽ پئسو آهي:مريم نواز

 لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب جي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بيانيي جي راند کيڏڻ وارن ملڪ کي تباهي ۽ ڊيفالٽ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، عوام بک وگهي مرڻ لڳو آهي ۽ انهن کي جيلن کان ٻاهر ڌرڻو ڏيڻ کان واندڪائي ناهي.لوڌران ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب ۾ خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪي صوبا چون ٿا ته پنجاب وٽ تمام گهڻو پيسو آهي، اهي پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن.مريم نواز جو چوڻ هو ته هر صوبي وٽ اين ايف سي کان گهڻو پيسو آهي، پر پنجاب ۾ جيڪو پيسو آهي، اهو عوام تي خرچ ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.