اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جو 22هون سيشن، جيڪو 27 نومبر کان 10 ڊسمبر 2025 تائين ست اجلاسن تي مشتمل هو، حاضري جي حوالي سان انتهائي ڪمزور رهيو. فافن موجب اسيمبلي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل سرڪاري انگن اکرن موجب رڳو 34 ميمبر (10 سيڪڙو) سڀني اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته 50 ميمبر (15 سيڪڙو) سڄي اجلاس دوران مڪمل طور غير حاضر رهيا.ڇهون اجلاس سڀ کان وڌيڪ حاضري وارو رهيو، جنهن ۾ 201 ميمبر (61 سيڪڙو) موجود هئا. ان جي ابتڙ، پنجون اجلاس سڀ کان گهٽ حاضري وارو رهيو، جتي رڳو 116 ميمبر (35 سيڪڙو) موجود هئا. هڪ آزاد ميمبر پاران ڪورم جي نشاندهي بعد اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪيو ويو، پر ٻيهر شروع ٿيڻ تي به ڪورم پورو نه ٿيو، جنهن سبب اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو.ٻيو، پنجون ۽ ستون اجلاس پڻ ايجنڊا مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي ڪورم جي کوٽ سبب ملتوي ڪيا ويا.عورت ميمبرن جي حاضري، تناسب جي لحاظ کان، مرد ميمبرن کان وڌيڪ رهي، 72عورت قومي اسيمبلي ميمبرن مان 44 ميمبرن اڌ کان وڌيڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي،جڏهن ته سمورا 10 ئي اقليتي ميمبر اجلاسن ۾ شريڪ ٿيا،خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ اسلام آباد مان چونڊيل ميمبرن جي حاضري نسبتاً بهتر رهي:ان جي ابتڙ، سنڌ مان 15 ميمبر، پنجاب مان 31، ۽ بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه مان ٻه ٻه ميمبر ڪنهن به اجلاس ۾ شامل نه ٿيا.پارٽي وار حاضري ۾ جي يو آءِ ف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جي حاضري ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ بهتر رهي،وزيرن جي حاضري به انتهائي گهٽ رهي،14مان 10 وزارتون سوالن جي ڪلاڪ دوران غير حاضر رهيون،8وفاقي وزير هڪ به اجلاس ۾ شامل نه ٿياسوالن جي ڪلاڪ دوران وزيرن جي غير موجودگي پارلياماني نگراني ۽ احتساب کي سخت متاثر ڪيو.رڳو 51 ميمبرن موڪل لاءِ درخواست ڏني،153ميمبر بنا موڪل درخواست جي غير حاضر رهيا،فافن موجب حاضري جا اهي انگ اکر قومي اسيمبلي ۾ سنجيده لاپرواهي ۽ عدم دلچسپي کي ظاهر ڪن ٿا، جنهن سبب قانون سازي، ڪورم جي پائيداري ۽ حڪومتي احتساب سخت متاثر ٿي رهيو آهي.