اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڊگري ڪينسليشن ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سموري ڪارروائي ۽ ڊيڪليئريشن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيستائين سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو نٿي ڏئي، تيستائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪو وارنٽو جون ڪارروائيون برقرار نٿيون رهي سگهن. ڪيس دوران جسٽس ڊوگر تي ريڪيوزل جا سخت اعتراض کنيا ويا، جن ۾ جسٽس طارق جانگيري سان لاڳاپيل هلندڙ عدالتي تڪرار ۽ جانبداري جا الزام شامل آهن. اعتراض ڪندڙن جو موقف هو ته ڪيس جي ڪارروائي شروع کان جانبداراڻي رهي، بغير نوٽيس جي ڊگري ڪينسل ڪئي وئي ۽ تڪڙ ۾ فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. رجسٽرار ڪراچي يونيورسٽي عدالت ۾ مڃيو ته ڊگري حقيقي هئي پر بنا نوٽيس جي ڪينسل ڪئي وئي، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارروائي معطل ڪئي. طارق جانگيري پنهنجي حلف نامي ۾ عدالتي دٻاءَ جو به ذڪر ڪيو، جنهن کي قانوني حلقا عدالتي نظام لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال قرار ڏئي رهيا آهن.