نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سري ليلا پنهنجون نازيبا اي آءِ تصويرون وائرل ٿيڻ تي پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي.
سري ليلا سوشل ميڊيا تي هڪ جذباتي نوٽ شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن پنهنجي اي آءِ ذريعي تيار ڪيل جعلي تصويرن سبب ذهني اذيت ۽ صدمي جو اظهار ڪيو.
هن ٻڌايو ته ويجهر ۾ ئي مون کي ان سنگين مسئلو جو علم ٿيو، جنهن کانپوءِ مان فوري طور پوليس سان رابطو ڪندي باقاعدي شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
اداڪارا سوشل ميڊيا واهپيدارن کي اپيل ڪئي ته اهي اي آءِ جي غلط استعمال کي هٿي نه ڏين.
سندس چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جو مقصد انساني زندگي کي ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ نه پر آسان بڻائڻ آهي.
You might also like