”چئي ٿو لاهور تائين آواز وڃڻ گهرجي، هائو توهان جي رافيل جي تباهيءَ جا آواز لاهور تائين ٻڌا ويا هئا“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي سينيئر اداڪار شان شاهد بالي ووڊ پروپيگنڊا فلم ”بارڊر ٽو“ جي ٽريلر تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
16 ڊسمبر تي رليز ٿيل ”بارڊر ٽو“ جي ٽريلر کي هر پاسي تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ڪجهه فلمي شوقين ان کي تاريخ سان هٿ چراند قرار ڏئي رهيا آهن ۽ ڪجهه وري مودي سرڪار جي جنگي جنون جي ترجماني تصور ڪن ٿا.
فلم جي وي ايف ايڪس سميت اداڪارن تي پڻ تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ان سلسلي ۾ فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ سني ديول جي ڊائيلاگ تي شان شاهد تبصرو ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ شان شاهد چيو ته” سني ديول چئي ٿو ته آواز لاهور تائين وڃڻ گهرجي، هائو، توهان جي رافيل ڪرڻ جا آواز لاهور تائين ٻڌا ويا ها.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.