اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت هڪ ئي وقت پينشن ۽ پگهار کڻڻ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو.
وفاقي حڪومت طرفان رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت تي پينشن بابت ٻه نوٽيفڪيشن واپس ورتا ويا، حڪومت هڪ ئي وقت پينشن ۽ پگهار کڻڻ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ٻيهر ملازمت تي مشروط طور پينشن وصولي جو نوٽيفڪيشن به واپس ورتو ويو آهي.
وفاقي حڪومت 22 اپريل 2025 ۽ 19 جون 2025 تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن واپس ورتا آهن ۽ فيصلي تي فوري طور عمل ٿيندو.
You might also like