حيدرآباد ۾ هلندڙ ٽرين اوچتو ٻه حصن ۾ ورهائجي وئي، پاڪستان ريلوي جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ملتان کان ڪراچي ايندڙ بهاوالدين ذڪريا ايڪسپريس وڏي حادثي کان بچي وئي.
اڄ صبح پاڪستان ريلوي جي ملتان کان ڪراچي تائين هلندڙ ريل گاڏي بهاوالدين ذڪريا ايڪسپريس سان حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ڀرسان هڪ غير معمولي واقعو پيش آيو، ريل گاڏي هلندي هلندي اوچتو ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي.
اختيارين موجب ٽرين ڪپلنگ ٽٽڻ سبب ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، ٽرين جي رفتار انتهائي گهٽ هجڻ سبب مسافر محفوظ رهيا.
اطلاع ملڻ تي ريلوي جي ٽيڪنيڪي عملي مرمت کانپوءِ ٽرين کي روانو ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.