ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر گلين ميڪگرا جي ڪمينٽري دوران ردعمل واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
ايشز سيريز جي ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن اسپنر نيٿن ليون گلين ميڪگرا کان وڪيٽن جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪري ويو.
گلين ميڪگرا آسٽريلوي اسپنر نيٿن ليون پاران سندس رڪارڊ ٽوڙڻ تي ڪُرسي کڻي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪيو.
نيٿن ليون آسٽريلوي بالرن جي فهرست ۾ گلين ميڪگرا کي پوئتي ڇڏي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، ليون 564 وڪيٽون وٺي چڪو آهي، جڏهن ته گلين ميڪگرا 563 بيٽرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو هو.
نيٿن ليون آسٽريلوي بالرن ۾ هاڻي رڳو شين وارن کان پوئتي آهي، شين وارن 708 وڪيٽن سان آسٽريليا جي تاريخ جو ڪامياب ترين بالر آهي.
واضح رهي ته ڊگهي فارميٽ ۾ سريلنڪا جو مُٿييا مرلي ڌرن 800 وڪيٽن سان پهرئين نمبر تي آهي، انگلينڊ جي جيمز انڊرسن 704، سندس هم وطن اسٽورٽ بروڊ 604 ۽ ڀارت جي انيل ڪمبلي جون 619 وڪيٽون آهن.
نيٿن ليون سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالرن جي فهرست ۾ هاڻي ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي.
You might also like