کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي، الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) مختلف علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، ان حوالي سان لاڳاپيل ضلعي انتظاميا ۽ ادارن کي اڳواٽ قدمن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
چترال، دير، سوات، شانگلا، ڪوهستان ۾ 20 کا 22 ڊسمبر تائين برسات جو امڪان آهي.
مالاڪنڊ، بونير، مانسهرا، بٽگرام، تورغر، ايبٽ آباد، هري پور، ڪرم، خيبر، باجوڙ، مهمند، صوابي، مرادن، نوشهرا، پشاور، چارسدا، ڪوهاٽ، هنگو، بنون، لڪي مروت، ٽانڪ، ڊي آءِ خان، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته برفباري سبب ناران، ڪاغان، دير، سوات ۾ روڊ بند ٿي سگهن ٿا، مالاڪنڊ، ڪوهستان، مانسهرا، ايبٽ آباد، شانگلا ۾ به روڊ بند ٿيڻ جو خدشو آهي.
ترجمان چيو ته جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ برفاني ڇپون ڪرڻ جو خطرو آهي، لاڳاپيل ادارن کي نيڪالي جو نظام فعال رکڻ، درياهن، ندي نالن جي مسلسل نگراني جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پي ڊي ايم اي سياحن کي سفر دوران پاڻي، خوراڪ ۽ دوائون گڏ رکڻ جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.