هڪ تازي تحقيق ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته شراب پيئڻ جي عادت ڪينسر جو خطرو وڌائي سگهي ٿي ۽ جيئن جيئن شراب جو مقدار وڌندو، خطرو به ائين ئي وڌندو ويندو.
اها تحقيق مشهور طبي رسالي ڪينسر ايپيڊيميالوجي ۾ ڇپي، جنهن ۾ ڪيترن ئي مطالعن جو جائزو ورتو ويو آهي.
تحقيق موجب شراب جي وڌندڙ استعمال سان مختلف قسمن جي ڪينسر جي امڪانن ۾ واضح واڌ ڏٺي وئي آهي.
تحقيق ڪندڙن چيو ته شراب پيئڻ سان جگر، وات، ڇاتي، ڳلي ۽ ٻين قسمن جي ڪينسر جو خطرو وڌي ويندو آهي.
سائنسدانن موجب شراب ڪينسر جي خطري ۾ ڪيترن ئي حياتياتي عملن ذريعي واڌ ڪندو آهي، جنهن ۾ ڊي اين اي کي نقصان پهچڻ، هارمونز ۾ بگاڙ، آڪسيڊيٽو اسٽريس ۽ ٻيا عمل شامل آهن.
You might also like