پاڪ بحريا جي جديد هٿيارن سان ليس آبدوز ”غازي“ چين ۾ لانچ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جديد هٿيارن سان ليس پاڪستان نيوي جي آبدوز غازي کي چين جي شهر ووهان ۾ شوانگ ليو بيس تي لانچ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان نيوي هنگور آبدوز پروگرام ۾ هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو، آبدوز غازي کي چين جي شهر ووهان ۾ شوانگ ليو بيس تي لانچ ڪيو ويو آهي.
غازي جي لانچنگ کانپوءِ چين ۾ چارئي هنگور آبدوزون سي ٽرائلز جي مرحلي ۾ داخل آهن، پاڪستان نيوي جي غازي هنگور ڪلاس جي چوٿين آبدوز آهي، جيڪا چين ۾ تيار ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 8 هنگور ڪلاس آبدوزن جو معاهدو آهي، معاهدي تحت 4 هنگور آبدوزون چين، جڏهن ته 4 پاڪستان ۾ تيار ڪيو وينديون.
آءِ ايس پي آر موجب ڪراچي شپ يارڊ ۾ هنگور آبدوزن جي تياري ٽرانسفر ٽيڪنالاجي تحت ٿيندي.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته هنگور ڪلاس آبدوزون جديد هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هونديون، جيڪي وڏي فاصلي تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
آءِ ايس پي آر موجب هنگور ڪلاس آبدوزون خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.