هر وقت ڏَڪڻي، ڪجهه ماڻهن کي گهڻو سيءُ ڇو ٿيندو آهي؟

سياري جي مند ۾ ڪجهه ماڻهن کي گهڻو سيءُ ٿيندو آهي ۽ ڏڪندا وتندا آهن، ماهرن موجب اهو موسم جو ڪمال ناهي پر ان جا ٻيا ڪارڻ آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ماڻهن کي وڌيڪ سيءُ ٿيڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته اهي ورزش ناهن ڪندا، روز مناسب ورزش ڪرڻ سان انسان جي دل، ڦڦڙن جي ڪارڪردگي ۾ واڌ ٿيندي آهي ۽ جسم ۾ آڪسيجن جي فراهمي بهتر نموني ٿيندي آهي ۽ سيءُ گهٽ لڳندو آهي.
جيڪي ماڻهو سنهڙا ۽ ڪمزور هوندا آهن انهن کي به سيءُ گهڻو لڳندو، اهڙن ماڻهن ۾ چرٻي جي مناسب مقدار ناهي هوندي، جيڪا انسان کي ٿڌ کان بچائيندي آهي، اهڙا ماڻهو خوراڪ به گهٽ کائيندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ کين گهڻو سيءُ لڳندو آهي.
ماهرن موجب مناسب ننڊ نه ڪرڻ، آئرن، وٽامن بي، پروٽين ۽ پاڻي جي کوٽ به ٿڌ لڳڻ جا وڏا ڪارڻ آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان کي ٿڌ گهڻي لڳي رهي آهي ته ڪيلا کائو، ڇو ته ڪيلا کائڻ سان فوري طور تي توانائي ملندي آهي.
ماهرن موجب ڪجهه ماڻهو سياري ۾ گهٽ پاڻي پيئندا آهن پر انهن کي مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ گهرجي، سٺي خوراڪ جو استعمال ڪرڻ سان گڏ ورزش به ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.