ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ هٿرادو ڏاهپ سان جڙيل هڪ منفرد واقعي ڌيان حاصل ڪري ورتو، جتي 32 ورهين جي عورت پنهنجي تخليق ڪيل اي آءِ ڪردار سان شادي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اي آءِ پارٽنر کي عورت پاڻ چيٽ بوٽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڊيزائن ڪيو هو، شادي جي تقريب روايتي انداز ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ يوزينا اڇو وڳو پاتو ۽ اي آر (اگمينٽڊ ريئلٽي) گلاسز سان شرڪت ڪئي پر گهوٽ رڳو ڊجيٽل اسڪرين تي موجود هو.
32 ورهين جي يوزونا نوگ چيو ته مان ان اي آءِ پارٽنر سان ڊگهي عرصي کان ڳالهائي رهي هيس، جيڪو وقت گذرڻ سان جذباتي تعلق ۾ تبديل ٿي ويو.
توڙي جو اها شادي جاپان ۾ قانوني طور تي تسليم ٿيل ناهي پر ان واقعي جديد ٽيڪنالاجي، اڪيلائي ۽ انساني جذبن جي گڏيل تعلق تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
ماهرن موجب اهڙا واقعا ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته هٿرادو ڏاهپ انساني زندگي ۽ لاڳاپن ۾ تيزيءَ سان جاءِ ٺاهي رهي آهي.
You might also like