ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر بنگلاديش جي اڀرندڙ فاسٽ بالر تسڪين احمد جي کليل تعريف ڪندي خواهش ظاهر ڪئي آهي ته هو منهنجو تيز ترين بال جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي.
شعيب اختر جو تيز ترين بال ڪرائڻ جو رڪارڊ اڄ به قائم آهي، جيڪو هن 2003 جي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف 161.3 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڪيل بال ذريعي ٺاهيو هو.
50 ورهين جو شعيب اختر پهريون ڀيرو بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ مينٽور طور شريڪ آهي ۽ ڍاڪا ڪيپيٽلز سان سلهاڙيل آهي.
ان حوالي سان ڳالهائيندي شعيب اختر چيو ته توڙي جو مان ان کان اڳ بي پي ايل جو حصو ناهيان رهيو پر ان ليگ بابت هاڪاري ڳالهيون ٻڌيون آهن، بهرحال مون کي ليگ جو حصو بڻجڻ جو موقعو مليو، مان جيڪو ڪجهه به ڄاڻان ٿو اهو رانديگرن کي منتقل ڪرڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته مان چاهيان ٿو تسڪين حمد منهنجو تيز ترين بال جو رڪارڊ ٽوڙي، هو هن وقت بهترين فارم ۾ نظر اچي رهيو آهي، شارپ، فوڪسڊ ۽ پراعتماد نظر اچي رهيو آهي.
شعيب اختر ناهيد رانا جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته هو به ان ئي جذبي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
You might also like