اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ قانوني ماهر ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته 28هين ترميم اچي رهي آهي، آئين کي وري لتاڙيو پيو وڃي، اوچتو رات پيٽ ۾ 28هين ترميم به بلڊوز ڪئي ويندي، هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نون صوبن جي حوالي سان حساسيت موجود آهي، هن چيو ته 28هين ترميم ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به نوان صوبا ٺاهڻ جي رٿا جوڙي وئي آهي، ان کان علاوه پنجاب ۽ ڪي پي ۾ به نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا ويندا، 14 نوان صوبا ٺهندا، جنهن ۾ 12 نوان نالا آهن، ٻن جي اوهان کي خبر آهي، هن چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته صوبا ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به صوبي جون سرحدون تبديل ڪرڻ لاءِ پهرين صوبائي اسيمبلي ۾ قرارداد ايندي پوءِ قومي اسيمبلي ۾ قرارداد ايندي هاڻي ايئن ٿيندو ته ڪو وڏو صاحب بس نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيندو، اسلام آباد کي صوبو قرار ڏنو ويندو، اولهه پنجاب، ڏکڻ پنجاب، بهاولپور ۽ پنجون پوٺوهار صوبو ٺهندا، هن چيو ته سنڌ ۾ ٽي صوبا ٺهندا، هڪ ڪراچي، ٻيو سنڌ، ٽيون صوبو مهراڻ هوندو، بلوچستان ۾ هڪ صوبو بلوچستان ۽ ٻيو گوادر صوبو هوندا، ڪي پي ۾ خيبر، هريپور صوبا هوندا، جڏهن ته آزاد ڪشمير جو نالو تبديل نه ڪيو ويندو، گلگت بلتستان جو نالو اهو ئي رهندو، ان طرح پاڪستان کي 14 نون يونٽن ۾ ورهايو ويندو