اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئون سال شروع ٿيڻ کان اڳ وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
وفاقي حڪومت عيسائي ملازمن کي ڪرسمس کان اڳ پگهار ۽ پينشن ايڊوانس ۾ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وفاقي حڪومت جي فيصلي موجب عيسائي برادري جي سڀني وفاقي ملازمن ۽ پينشنرن کي انهن جي مذهبي تهوار ڪرسمس کان اڳ کان ڊسمبر جي پگهار ۽ پينشن ايڊوانس ۾ 22 ڊسمبر تي ادا ڪئي ويندي.
ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزارت ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس کي خط به لکي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته عيسائي برادري 25 ڊسمبر تي ڪرسمس جو تهوار ملهائيندي آهي.
You might also like