ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر ڪولڪتا ۾ پيش آيل اڻوڻندڙ واقعي جو ذميوار اسٽار فٽبالر ليونل ميسي کي ئي قرار ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ميسي جي ڀارت جي دوري دوران ڪولڪتا اسٽڊيم ۾ مختصر قيام تي مداح مڇرجي پئي هئا. ميسي ڪولڪتا اسٽيڊيم ۾ رڳو ڏهه کان ويهه منٽن تائين ترسيو، جنهن تي مداح آپي مان نڪري ويا ۽ اسٽيڊيم ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي.
ان کانپوءِ اسٽيڊيم ۾ بدنظمي واري معاملي تي شو آرگنائيزر کي ميسي سان گڏ چارٽرڊ جهاز تي روانگي کان اڳ گرفتار ڪيو ويو هو.
ان ڏس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر چيو ته هر هڪ کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو سواءِ ان شخص جي جيڪو پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
هن چيو ته ميسي کي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهڻ گهرجي ها، جيڪڏهن کيس اسٽيڊيم ۾ هڪ ڪلاڪ ترسڻو هو ته هو اهڙو ڪرڻ جو پابند هو، پر هو شيڊيول خلاف وقت کان اڳ اتان هليو ويو، تنهنڪري ان واقعي جو ذميوار هو ۽ سندس وفد.
گواسڪر سيڪيورٽي خدشن وارين دعوائن کي به هڪ پاسي رکندي چيو ته ميسي کي ڪو به ظاهري خطرو نه هو.
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان وڌيڪ چيو ته هو سياستدانن ۽ جڙتو وي آءِ پيز جي گهيري ۾ هو ۽ کيس يا سندس ساٿين کي ڪو به سيڪيورٽي خطرو نه هو.
You might also like