هيرو کان ولين تائين: ڌُرنڌر ۾” رحمان ڊڪيٽ“ جو ڪردار ادا ڪندڙ اڪشي کنا جنهن کي پاڻ پڏائڻ کان چڙ آهي

عام طور تي ٿيندو ائين آهي ته جڏهن ڪنهن فلم جو اعلان ٿيندو آ ته فلمي شوقين سڀ کان اول اِها ڳالهه ڏسندا آهن ته ڪهاڻي جو مُک ڪردار يعني هيرو ۽ هيروئن ڪير آهن ۽ پروڊڪشن ڪمپني جي سوشل ميڊيا مشينري به ان ئي ڪردارن جي چوڌاري فلم جي مشهوري مهم سان لڳي ويندي آهي.
پر جيڪڏهن توهان فلمي شوقين آهيو ته اِها ڳالهه ضرور ڄاڻيندا هوندا ته ڪجهه منفي ڪردار يعني وِلنز به اهڙا هوندا جيڪي نه رڳو سٺي اداڪاري ڪري ميلو لٽي ويندا آهن پر گهڻي ڀاڱي کين هيرو هيروئن کان به وڌيڪ موٽ ملندي آهي.
ماضي جو ئي مثال کڻو، ڪيئي ڏهاڪا اڳ امجد خان يعني فلم ”شعلي“ جي ”گبر سنگهه“ جا هي لفظ ”ڪتني آدمي ٿي“ اڄ به جئه ۽ ويرو (اميتاڀ بچن ۽ ڌرميندر) جي ڪيئي ڊائيلاگز تي ڀاري آهن.
فلم ”مسٽر انڊيا“ ۾ انيل ڪپور جي گم ٿيڻ جي ڪهاڻي کان به وڌيڪ فلم ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪندڙ سورڳواسي امريش پوري جو ڊائيلاگ ”مگيمبو خوش هوا“ مشهور ٿيو.
ساڳي ريت ان جو تازو مثال فلم ”ڌُرنڌَر“ آهي، جنهن ۾ هيرو ته رنوير سنگهه آهي، پر فلم ۾ سندس ڪردار کان وڌيڪ فلم جي وِلن ”رحمان ڊڪيٽ“ يعني اڪشي کنا هر پاسي ڇانيل آهي.
نه رڳو عربي گيت تي اڪشي کنا جي رقص جا سوشل ميڊيا تي چرچا آهن، پر سندس هڪ ڊائيلاگ ”رحمان ڊڪيٽ ڪي دي هوئي موت بهت قصائي نما هوتي هي“ به هر زبان تي آهي.
اڪشي کنا جو ڪيس دلچسپ انڪري به آهي ته هو پاڻ پڏائڻ تي يقين نٿو رکي ۽ ميڊيا جي جهرمٽ ۽ انٽرويوز کان پري رهڻ پسند ڪري ٿو.
هڪ دفعي فلمساز ڪرن جوهر چيو هو ته ”جيڪڏهن موڪل واري ڏينهن اڪشي کنا کي آسڪر ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ٿيندو ته هو اِهو چئي انڪار ڪري ڇڏيندو ته هو موڪل واري ڏينهن گهر کان ٻاهر نه نڪرندو.“
پر جڏهن به هو اداڪار طور اسڪرين تي ايندو آهي ته پنهنجي ساٿي فنڪارن کي به مات ڏئي ڇڏيندو آهي.
اڪشي ماٺيڻي مزاج وارو ماڻهو آهي، ڌرنڌر جي مشهوري مهم دوران به اڪشي گهٽ نظر آيو، پر فلم رليز کانپوءِ جتي ڪٿي هو ئي ڇانيل آهي.
اٽڪل 28 ورهيه اڳ ونود کنا پنهنجي پٽ کي فلم ”هماليا پُتر“ ذريعي فلم انڊسٽريءَ ۾ متعارف ڪرايو هو، ۽ ان وقت ڪنهن به نه سوچيو هو ته اڪشي انڊسٽري ۾ هڪ انوکي اداڪار طور سامهون ايندو.
جيتوڻيڪ مُک اداڪار طور اڪشي کي اُها سڃاڻپ نه ملي، ”بارڊر“ هن جي شروعاتي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي فلم هئي، پر ان ۾ هو اڪيلو اداڪار ڪونه هو.
ان کانسواءِ ”قدرت“، ”ڊولي سجا ڪي رکنا“، ”لاوارث“ ۽ ”آ اب لوٽ چلين“ جهڙين ملڪن هو ليڊنگ هيرو طور نظر آيو، پر اهي فلمون به باڪس آفيس تي ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو.
سڀاش گهئي جي فلم ”تال“ اڪشي کنا لاءِ هڪ وڏي فلم ثابت ٿي، پر ان ۾ به اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ ۽ انيل ڪپور ساڻس گڏ هئا.
جولاءِ 2017ع ۾ هڪ انٽرويو دوران، سندس فلمون دير سان ڇو اينديون آهن واري سوال جي جواب ۾ اڪشي کنا چيو هو ته ”ڏسو، اداڪار هئڻ سولو ڪم ناهي، هڪ اداڪار هن دنيا جي سڀ کان حساس ۽ ٻين تي ڀاڙيندڙ شخصيت هوندي آهي، لکڻ ۽ موسيقي سيهرڻ اڪيلائي ۾ ممڪن آهي پر هڪ اداڪار اڪيلائيءَ ۾ ڪجهه نٿو ڪري سگهي.“
سندس چوڻ هو ته ”اداڪار کي هڪ سٺي هدايتڪار، ليکڪ، ڪيمرا مين ۽ ٻين سٺن اداڪارن جي ضرورت هوندي آهي، هڪ سٺي ٽيم کانسواءِ ڪجهه به ممڪن ناهي.“
شايد نوجواني ۾ وار ڇڻڻ سبب اڪشي کنا کي فلمن جي فلاپ ٿيڻ کان به وڌيڪ ڏُک ٿيو هو ۽ سندس ڪيريئر کي به ڌچڪو لڳو.
ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪنهن به هيرو جو هير اسٽائل تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، پر اڪشي جا وارَ ننڍي وهيءَ ۾ ئي تيزيءَ سان ڇڻڻ لڳا هئا.
سال 2001ع ۾ فرحان اختر جي فلم ”دل چاهتا هي“ ۾ اڪشي کنا هڪ نئين روپ ۾ نظر آيو، ڏسندڙ کيس جديديت پسند، اسٽائلش ۽ مئچور قرار ڏنو.
ان فلم کانپوءِ هڪ ڳالهه واضح هئي ته اڪشي جا وار تيزيءَ سان ڇڻي رهيا آهن، پر ٻين ادڪارن ان پريشاني کان بچڻ لاءِ وارن جي پيوندڪاري ڪرائي، جڏهن ته اڪشي کنا ڪنهن اڻڄاتل ڪارڻ سبب ائين نه ڪيو.
هڪ انٽرويوءَ ۾ هن چيو هو ته ”وار ڇڻڻ سان توهان جو اعتماد متاثر ٿئي ٿو، ننڍي عمر ۾ ئي وار ڇڻڻ لڳا، مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن پيانو وڄائڻ واري شخص کان سندس اڱريون کسيون ويون آهن!“
”دل چاهتا“ کانپوءِ اڪشي عباس مستان ۽ پريه درشن جي ڪيئي فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ هو ”هنگاما“، ”همراز“، ”نقاب“ ۽ ”ريس“ ذريعي هڪ ڀيرو وري شهرت جي بلندين کي ڇهڻ لڳو.
پر ان باوجود به هو سولو هيرو يعني مرڪزي ڪردار نه هو، ان دوران هو سمجهي چڪو هو ته شايد مرڪزي ڪردارن بدران کيس سپورٽنگ ڪردار ڪرڻ گهرجن.
اڪشي شايد اُهو واحد هيرو آهي جيڪو ”اتفاق“ ۽ ”دريشم“ جهڙين فلمن ۾ وارن کانسواءِ نظر آيو، ۽ ان باوجود ڏسندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتائين.
جتي ماڻهو ”ڌُرنڌَر“ ۾ رحمان ڊڪيٽ جي ڪردار تي بحث ڪري رهيا آهن، اتي اِهو نه وسارڻ گهرجي ته بلاڪ بسٽر فلم ”ڇاوا“ ۾ اڪشي کنا اورنگزيب جو ڪردار ادا ڪيو هو، ۽ اِهو ڪردار بالي ووڊ جي تاريخ جو هڪ سهگارو ترين ڪردار هو.
ڌرنڌر ۽ ڇاوا يعني هڪ سال اندر ٻه بلاڪ بسٽر فلمون، اِهو چوڻ غلط نه هوندو ته 2025ع اڪشي کنا جي واپسيءَ جو سال آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.