دبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته هر رانديگر پنهنجي ڪيريئر دوران ذهني دٻاءُ ۽ پريشاني مان گذرندو آهي ۽ رانديگرن کي روبوٽ سمجهڻ غلط آهي ڇو ته اهي به انسان آهن جن ۾ ايموشن هوندا آهن.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ثانيا مرزا چيو ته هوءَ پنهنجي ڪيريئر جي عروج تي ڊپريشن جي مختلف قسمن جو شڪار رهي.
ٽينس اسٽار چيو ته گذريل اٺ کان ڏهن سالن دوران ماڻهن ذهني صحت واري موضوع تي کلي ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته پهريان ان تي ويچارڻ شرمساري جو ڪارڻ سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي ماڻهو ان حوالي سان بنا ڪنهن هٻڪ جي ڳالهائي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته شهرت جي بلندين تي پهتل رانديگر تي سڄي دنيا جون نظرون کتل هونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اِهو دٻاءُ ايتري حد تائين وڌي ويندو آهي جو ساهه کڻڻ به وسري ويندو آهي.
You might also like