اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڀائيواري سان سنڌ ۾ ريلوي ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سکر ريلوي ڊويزن بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن کانپوءِ هاڻ روهڙي ريلوي اسٽيشن جو وارو آهي.
سندس چوڻ هو ته روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جو گڏيل ماسٽر پلان تيار آهي، هلندڙ مهيني روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويندو.
حنيف عباسي چيو ته منصوبو سنڌ حڪومت جي سهڪار سان مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جي لاڳت جو 50 سيڪڙو سنڌ حڪومت ۽ 50 سيڪڙو پاڪستان ريلوي برداشت ڪندو.
هن چيو ته روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ايندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مراد علي شاهه ترقياتي معاملن ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.
You might also like