جڳ مشهور آسٽريلوي ڪرڪيٽ ليگ (بيگ بيش ليگ) 14 ڊسمبر 2025ع کان شروع ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽاپ اسٽارز جي ڪارڪردگي شوقينن کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي.
بيگ بيش ليگ جي افتتاحي ميچ ٽورنامينٽ جي سڀ کان مهانگي رانديگرن ۾ شامل بابر اعظم جي سڊني سڪسرز ۽ پرٿ اسڪارچر وچ ۾ کيڏي وئي.
پرٿ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جو اسٽار بيٽر بابر اعظم پنهنجي ڊيبيو ميچ کي يادگار نه بڻائي سگهيو.
بابر اعظم سڊني سڪسرز جي نمائندگي ڪندي اوپنر طور اننگز شروع ڪئي، پر رڳو 5 بالن تي 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ٻئي پاسي اڄ ميگا ايونٽ جي ٻي ميچ ۾ امپائرن پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي بالنگ کان روڪي ڇڏيو.
شاهين آفريدي بگ بيش ليگ ۾ برسبين هيٽ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.
ميلبورن رينيگيڊز خلاف ڊيبيو ميچ ۾ شاهين 2 ڏهائي 4 اوورن ۾ 43 رنسون ڏنيون ۽ ڪا به وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو.
ميچ دوران شاهين آفريدي پنهنجي ٽئين اوور ۾ 2 بيمرز ڪيا، جنهن کانپوءِ ظابطن تحت امپائرن کيس وڌيڪ بالنگ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو.
ان کانسواءِ پاڪستان جو هڪ ٻيو سپر اسٽار محمد رضوان به پنهنجي ڊيبيو کي يادگار نه بڻائي سگهيو.
ساڳي ميچ ۾ ميلبورن رينيگيڊز جي نمائندگي ڪندي محمد رضوان 10 بالن تي رڳو 4 رنسون ٺاهي سگهيو.
واضح رهي ته ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ شوقينن کي پاڪستاني رانديگرن مان وڏيون اميدون هيون، پر هينئر تائين ڪو به پاڪستاني رانديگر ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي آهي.
بابر اعظم، شاهين آفريدي، محمد رضوان، شاداب خان، حارث رئوف ۽ حسن علي بي بي ايل جي مختلف ٽيمن سان معاهدا ڪري چڪا آهن.
بي بي ايل ليگ جي مشهوري مهم ۾ به پاڪستاني اسٽارز جي ڊمانڊ وڌي وئي هئي، ڇو ته آسٽريليا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي وڏي انگ ۾ موجود آهي.
ويجهي ماضيءَ ۾ پاڪستان ۾ بي بي ايل جي مقبوليت ۾ ڪجهه گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي، پر هن سال پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي وڏي انگ ۾ شموليت سبب ٽورنامينٽ شوقينن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.
بِگ بيش: بابر ٻه، رضوان چار ۽ شاهين کان بال ئي کسجي ويو! پاڪستاني اسٽارزشوقينن کي مايوس ڪري ڇڏيو
You might also like