ساٿي رانديگر سان غير اخلاقي حرڪت، آسٽريلوي ڪرڪيٽر تي پابندي لڳي وئي

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي علائقائي ٽيم نيو سائوٿ ويلز جي هڪ ڪرڪيٽر تي نوجوان رانديگر سان اڻوڻندڙ حرڪت جي شڪايت تي اڻڄاتل مدي تائين پابندي مڙهي وئي آهي.
پرڏيهي خبرن موجب، نيو سائوٿ ويلز ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ رانديگرن جي هنگامي بورڊ اجلاس ۾ رجسٽريشن رد ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي شڪايت تي پوليس جاچ ڪري رهي آهي، پر اڃا تائين ڪو به الزام لاڳو نه ڪيو ويو آهي.
ڪرڪيٽ نيو سائوٿ ويلز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رانديگر کي ڊي-رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، شڪايت سڊني گريڊ ڪلب جي رانديگر طرفان داخل ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.