لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سڄي صوبي ۾ فوتگي جي موقعي تي کاڌو پچائڻ، ورهائڻ ۽ دعوتي تقريبن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان قدم جو مقصد ڏکويل خاندانن تان غير ضروري مالي بار گهٽائڻ ۽ سوڳ جي موقعي تي سادگي کي هٿي ڏيڻ آهي.
حڪومتي ذريعن موجب فوتگي جهڙي حساس موقعي تي ڏيکاءَ ۽ غير ضروري خرچن جي حوصلا شڪني ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان جلد ضلعي انتظاميا کي باقاعدي طور هدايتون جاري ڪيون وينديون.
پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن جي نگراني ضلعي انتظاميا ڪندي.
عالمن، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين حڪومت جي ان فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته فوتگي جي موقعي تي غير ضروري رسمن بدران سادگي، صبر ۽ دعا کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
You might also like