پيءَ جي ڪمائي ڇو ضايع ڪيان؟ ڪنوار سون بنا شادي ڪري نئين روايت قائم ڪري ڇڏي

شادي جي موقعي تي سون عورتن، خاص طور ڪنوار لاءِ لازمي حصو سمجهيو ويندو پر ڀارتي شهر احمدآباد جي هڪ ڪنوار ان روايت کي ٽوڙيندي پنهنجي شادي ۾ سون پائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪانٽينٽ ڪريئيٽر پنڪتي پانڊي پنهنجي ڀيڻ نشتها جي شادي جي حوالي سان انسٽاگرام تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ٻئي ڀيڻون مالي طور خود مختيار آهيون پر اسان سون خريدڻ کان ان ڪري پاسو ڪيو ته جيئن پيءَ جي ڪمائي ضايع نه ٿئي.
پنڪتي وضاحت ڪئي ته اسان سون جي خلاف ناهيون، نه وري انهن ماڻهن جي بي احترامي ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪي سون کي پسند ڪندا آهن، بس اسان پاڻ ڪڏهن سون رکڻ جا شوقين ناهيون رهيا، اسان جي خاندان ۾ سون المارين ۾ محفوظ رهندو آهي ۽ شادي جي ڏينهن به گهٽ پاتو ويندو آهي.
سون خريدڻ بجاءِ ڪانٽينٽ ڪريئيٽر ۽ سندس ڀيڻ اها رقم، جيڪا سندن پيءُ سون لاءِ رکي هئي سيڙپڪاري ۾ لڳائي، جيڪا اسٽاڪ مارڪيٽ، ايڪويٽي ميوچل فنڊز ۽ گولڊ بانڊز ۾ لڳائي وئي.
هن چيو ته محبت ۽ جذبا اهي ئي آهن، بس سيڙپڪاري جو طريقي ڪار وڌيڪ سوچ سمجهه وارو آهي.
پنڪتي چيو ته سندس ڀيڻ جي ڪهاڻي ٻين ڪنوارن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيڪڏهن هيءَ ڪهاڻي هڪ به ڪنوار کي بااختيار بڻائي ته ان کي شيئر ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته باشعور شادي جو مطلب سمجهداري سان فيصلا ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.