آبادي وڌائڻ جو مشن، چين ٻار ڄڻيندڙ جوڙن لاءِ نئين سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ گهٽجندڙ آبادي جي مسئلي کي ڏسندي حڪومت اعلان ڪيو آهي نوجوان جوڙا ٻار پيدا ڪن، ان حوالي سان سمورو خرچ اسان برداشت ڪنداسين.
چين جي نيشنل هيلٿ ڪيئر سيڪيورٽي ايڊمنسٽريشن چيو آهي ته حڪومت ايندڙ سال کان ٻار ڄڻڻ بابت سمورا خرچ پاڻ برداشت ڪندي.
انتظاميا ٻڌايو ته 2026 تائين چين جو هدف آهي ته ٻار ڄڻڻ جي حوالي سان پاليسي تحت ايندڙ طبي خرچن جي مڪمل ادائيگي ڪئي وڃي، جنهن ۾ حمل دوران طبي معائني جا خرچ به شامل آهن.
اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن بيجنگ حڪومت ملڪ ۾ مسلسل گهٽجندڙ آبادي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.