ڪراچي وارن لاءِ خوشخبري، ڊبل ڊيڪر بسون پهچي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون بندرگاهه تي پهچي ويون آهن.
شرجيل ميمڻ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪراچي وارن کي خوشخبري ڏيندي ڊبل ڊيڪر بسن جون تصويرون به شيئر ڪيون.
هن چيو ته ڊبل ڊيڪر بسون بندرگاهه تي پهچي ويون آهن ۽ جلد روڊن تي اچي وينديون.
سندس چوڻ هو ته صوبائي حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.