ممبئي (ويب ڊيسڪ) شوبز دنيا ۾ زندگي گذارڻ سولو ناهي، جتي هر وقت ڪو نه ڪو بحث يا افوائن جو راڄ هوندو آهي.
بالي ووڊ اداڪار اڀيشيڪ بچن به اهڙن شخصيتن ۾ شامل آهي، جنهن جي ذاتي زندگي ڊگهي عرصي کان خبرن ۽ افواهن جو موضوع بڻيل آهي، خاص طور تي سندس ۽ زال ايشوريا راءِ رشتي بابت خبرون گردش ڪنديون رهيون آهن.
ويجهڙ ۾ هڪ يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏيندي اڀيشيڪ بچن طلاق بابت وائرل خبرن تي تفصيلي ڳالهايو اهڙي قسم جي افواهن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ آهي ته هو اهڙين ڳالهين کي گهڻي اهميت ناهي ڏيندو ڇو ته مشهور شخصيتن بابت ماڻهو اڳڪٿيون ڪندا آهن، جڏهن ته اهڙين خبرن ۾ ڪائي سچائي ناهي.
هن چيو ته شادي کان اڳ به ماڻهو سندن ذاتي زندگي تي تبصرا ڪندا هئا، پهريان شادي نه ڪرڻ بابت سوال ٿيندا هئا ۽ هاڻي طلاق جي تاريخ طئي ٿيڻ جهڙا افواهه پکيڙيا وڃن پيا، جيڪي بي بنياد آهن.
اڀيشيڪ چيو ته ” مان ۽ ايشوريا هڪٻئي جو سچ ڄاڻون ٿا، اسان هڪ خوشحال ۽ مضبوط فيملي آهيون، جيڪو اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي.“
اداڪار ميڊيا جي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته صحافت کي سچائي ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
پهريان ماڻهو چوندا ها ايشوريا سان شادي ڪڏهن ڪندين، هاڻي چون ٿا طلاق ڪڏهن ڏيندين: اڀيشيڪ بچن
You might also like