نيپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار جي اڳوڻي سربراهه آنگ سان سوچي جي پٽ چيو آهي ته مان پنهنجي ماءُ جي صحت بابت ڳڻتيءَ ۾ آهيان.
سوچي جي پٽ موجب ماءُ جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هئي پر هاڻ ان جي صحت بابت ڪا خبر ناهي ته هوءَ جيئري به آهي يا نه.
هن وڌيڪ چيو اميد ته آنگ سان سوچي جي آزادي هن مهيني ميانمار جي چونڊن دوران ٿي ويندي.
واضح رهي ته آنگ سان سوچي کي 2021 ۾ ميانمار جي فوج گرفتار ڪيو هو ۽ هوءَ شرپسندي، بدعنواني، چونڊ ڌانڌلي سميت ٻين ڏوهن ۾ 27 سالن جي سزا ڪاٽي رهي آهي.
You might also like