ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا پنهنجي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيت وڌائيندي اتر عربي سمنڊ ۾ پاڻي جي سطح کان فضا تائين مار ڪندڙ جديد ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
فائر پاور ڊيمونسٽريشن دوران پاڪ بحريا جي جهاز انتهائي متحرڪ فضائي هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل عبدالمنيب ايف ايم – 90 (اين) اي آر جو فائرنگ جو مشاهدو ڪيو.
پوءِ هن ان ڪارروائي ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن جي وابستگي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪئي.
سندس چوڻ هو ته پاڪ بحريا هر صورت ۾ ملڪ جي سامونڊي حدن جي دفاع ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.
You might also like