سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙ هوشيار، نادرا اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) طرفان شهرين لاءِ اهم پيغام جاري ڪيو ويو آهي ته اهي نادرا آفيس مان سڃاڻپ ڪارڊ وقت تي وصول ڪن، ٻي صورت ۾ پريشاني کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
نادرا طرفان شهرين کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته اهي نادرا آفيس ۾ درخواست جمع ڪرائڻ کانپوءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو مقرر مدو پورو ٿيڻ تي جلد کان جلد وصول ڪن.
پاليسي موجب سڃاڻپ ڪارڊ وصول نه ڪرڻ تي ڊليوري جي مقرر تاريخ جي 3 مهينن کانپوءِ رد ڪيو ويندو آهي ۽ ٻيهر ٺهرائڻ لاءِ نئين درخواست ۽ فيس جمع ڪرائڻي پوندي آهي.
پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ۽ نادرا آفيس ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي درخواست ڏيندي گهربل پتي تي ڊليوري جو آپشن چونڊ ڪيو ۽ گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ وصول ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.