ٽيلر سوئفٽ هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

جڳ مشهور آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ هڪ ٻيو عالمي اعزاز ماڻي ورتو ۽ هاڻ هوءَ دنيا جي امير ترين عورت موسيقار بڻجي وئي آهي، ڇو ته سندس مجموعي دولت 1.6 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي آهي.
فوربز جي تازي درجابندي موجب ٽيلر سوئفٽ گلوڪارا ريحانه کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن جي دولت تقريبن 1.4 ارب ڊالر آهي.
ٽيلر سوئفٽ جي ڪاميابي جو خاص پهلو اهو آهي ته هن دولت جو وڏو حصو ڪنهن بزنس ايمپائر بدران سڌي ريت سندس موسيقي ڪيريئر، شاندار ڪنسرٽ ٽورز ۽ گانن جي وڪري سان ڪمايو آهي.
ٽيلر جي ميوزڪ ڪيٽلاگ جي ماليت به سوين ملين ڊالر ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته اسٽريمنگ، لائسنسنگ ۽ البمز جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رائلٽيز ان جي آمدني جو اهم ذريعو آهن.
گلوڪارا پنهنجي پراڻي البمز کي ٻيهر رڪارڊ ڪري انهن جا حق واپس حاصل ڪيا، جنهن سان نه رڳو ان جي رائلٽيز ۾ واڌ ٿي پر ميوزڪ ڪيٽلاگ جو قدر به وڌيو.
ان کانسواءِ ان جي ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري به ذڪر جوڳي آهي، جتي سڄي آمريڪا ۾ موجود ان جون قيمتي ملڪيتون مجموعي دولت ۾ وڌيڪ ڪروڙين ڊالر واڌ ڪنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.