هونڊا 70، 125 ۽ 150 هاڻ سڀني جي پهچ ۾، شاندار آفر اچي وئي

بينڪ الفلاح اٽلس هونڊا جي موٽر سائيڪلن لاءِ محدود مدي جي زيرو مارڪ اپ (بنا وياج) قسط اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي، جنهن تحت واهپيدار مقبول هونڊا ماڊلز آسان قسطن تي خريد ڪري سگهن ٿا.
بينڪ الفلاح طرفان اها نئين سهولت اهڙي وقت ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي، جڏهن مهانگائي ۽ اگهن ۾ واڌ سبب عام ماڻهو لاءِ نئين موٽر سائيڪل خريدڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.
بينڪ موجب هونڊا جا 3 مقبول ترين ماڊلز سي ڊي 70، سي جي 125 ۽ سي جي 150 هاڻ بينڪ الفلاح ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ماهوار قسطن تي حاصل ڪري سگهجن ٿا.
هونڊا جي مقبول ماڊل سي ڊي 70 جي قيمت 159900 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪي واهپيدار ماهوار 26650 رپين جي قسط تي حاصل ڪري سگهن ٿا.
اهڙي ريت سي جي 125 جي قيمت 238500 رپيا آهي ۽ ان لاءِ ماهوار قسط 39750 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سي جي 150 جي قيمت 459900 رپيا رکي وئي آهي، جنهن کي 76650 رپيا ماهوار قسط تي خريد ڪري سگهجي ٿو.
توڙي جو اسڪيم ۾ ڪو مارڪ اپ شامل ناهي پر پروسيسنگ فيس ۽ فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لاڳو هوندي.
بينڪ جي پڌرائيءَ موجب موٽر سائيڪلن جي فراهمي اسٽاڪ جي دستيابي سان مشروط هوندي، جڏهن ته اها اسڪيم رڳو محدود مدي لاءِ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.