نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سان اجتماعي زيادتي واري ڪيس ۾ سپر اسٽار دليپ ۽ 4 ٻين جوابدارن کي عدالت آجو قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، 2017ع ۾ ڪيرلا ۾ پيش آيل واقعي شوبز انڊسٽري کي ٿوڏي ڇڏيو هو.
رپورٽن موجب، مليالم اداڪارا کي شوٽنگ کانپوءِ اغوا ڪري گاڏي ۾ اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ مک جوابدار سپر اسٽار دليپ کي قرار ڏنو ويو.
متاثر اداڪارا پوليس کي ٻڌايو هو ته زيادتي ڪندڙ بار بار چوندا رهيا ته ”اهو ان چوڻ تي ڪيو، جنهن جي تون ڳالهه نه مڃي هئي.“
اداڪارا دليپ کي مرڪزي ڏوهي قرار ڏنو ۽ چيو ته سندس چوڻ تي جوابدارن اِهو سنگين ڏوهه ڪيو.
اداڪارا جي بيان کانپوءِ پوليس 10 جوابدارن جاچ شروع ڪئي هئي، جن مان 6 واقعي ۾ ملوث ٻين چئن جوابدارن ۾ رٿابندي ڪندڙ ۽ سهولتڪار شامل هئا.
چار ڏينهن اڳ عدالت سنگين ڏوهه جي رٿابندي ڪرڻ جي الزم هيٺ گرفتار سپر اسٽار دليپ کي ٽن ٻين سهولتڪارن سان گڏ آجو قرار ڏنو هو.
اڄ عدالت باقي ڇهن جوابدارن کي 20، 20 سال قيد ۽ هر هڪ کي پنجاهه رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، عدالت سنگين ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي موت جي سزا ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدارن کي عمر ۽ خانداني حالتن کي نظر ۾ رکي سزا ٻڌائي وئي آهي.
You might also like