وزيراعظم جو ايراني صدر سان ملاقات: سنگين سيڪيورٽي خدشن جي خاتمي لاءِ افغان طالبان کان جوڳي ڪارروائي جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيزشڪيان سان ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي زور ڏنو آهي ته افغان سرزمين مان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ پاڪستان جي سنگين سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ افغان حڪومت کي نتيجا ڏيندڙ ڪارروائي ڪري.
اشڪ آباد ۾ تقريب دوران ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران هلندڙ سال دوران پرڏيهي جارحيت وقت هڪٻئي جي مضبوط حمايت واري عمل کي ساراهيو.
وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ، سرحدي منڊيون فعال ڪرڻ، سرحدي سلامتي مضبوط بڻائڻ ۽ اسلام آباد-بلوچستان ٽرانسپورٽ نيٽورڪ ذريعي ٻطرفي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ ضروري آهي.
ٻنهي اڳواڻن غزا ۾ جاري امن ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ايراني صدر پيزشڪيان چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي.
هن چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪي ٻنهي جي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان جڙيل آهن.
ٻنهي اڳواڻن ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ باظابطا اعلي سطحي ملاقاتون ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خميني لاءِ دل جي گهرائين سان نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.