ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين انڊر 19 ٽيم بنگلاديش کي پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 6 وڪيٽن سان شڪست ڏئي سيريز 3-2 سان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ڪاڪسز بازار اڪيڊمي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان وومين انڊر 19 ٽيم ٽاس کٽي ميزبان ٽيم کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.
بنگلاديش انڊر 19 وومين ٽيم 19.1 اوورن ۾ 84 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي، سعديه اختر 3 چوڪن جي مدد سان 27 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي.
پاڪستان جي بريره سيف 16 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته روزينا اڪرم ٻه شڪار ڪيا.
بنگلاديش جو 85 رنسن جو هدف پاڪستان 17 هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
شاندار ڪارڪردگي تي بريره سيف کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ تي پاڪستان وومين انڊر 19 ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ٽيم بنگلاديش کي شاندار ڪارڪردگي سان شڪست ڏني.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته انڊر 19 وومين ٽيم جي بنگلاديش خلاف سيريز ۾ فتح ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي ۽ اميد آهي ته گرين شرٽس مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي.
پاڪستاني نارين پنجين ٽي ٽوئنٽي ۾ بنگلاديش کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي
You might also like