اين ايف سي ايوارڊ خيرات نه حق آهي: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي نواز شريف چيو آهي ته اين ايف سي ايورڊ خيرات نه حق آهي، وزيراعظم چونڊي ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي اين ايف سي ايورڊ تحت فنڊز ڏنا وڃن.
لاهور ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي پارٽي اڳواڻن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته چونڊ ٽڪيٽن جي ورڇ لاءِ ميرٽ تمام ضروري آهي، ميرٽ سدائين اسان جي پهرين ترجيح رهي آهي ۽ ان جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته اسان جو پارلياماني بورڊ سڀني اميدوارن کي ٻڌڻ کانپوءِ ٽڪيٽ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ هميشه دستور اهو رهيو آهي ته پارٽي ٽڪيٽ ميرٽ تي ڏني وڃي.
سندس چوڻ هو ملڪ ۾ عام چونڊون هجن يا صوبائي، اسان ڪڏهن به ميرٽ تي سوديبازي ناهي ڪئي ۽ پراڻن ساٿين کي به ميرٽ تي ٽڪيٽ ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.