”نڪاح سنت ۽ ان ۾ ئي برڪت آهي“، رابي پيرزادا شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي گلوڪارا رابي پيرزادا هڪ پيغام ۾ پنهنجي شادي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ”نڪاح سنت آهي ۽ سنت ۾ برڪت آهي.“
رابي پيرزادا چيو ته نڪاح اهو پاڪ رشتو آهي جيڪو محبت کي جائز، عزت کي مضبوط ۽ رشتن کي هميشه لاءِ مقدس بڻائي ٿو.
رابي پيرزادا انسٽاگرام تي هڪ تصوير به شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هڪ عورت (شايد پاڻ) ۽ هڪ مرد هٿ ۾ هٿ ڏيون ويٺاآهن.
سوشل ميڊيا پوسٽ کانپوءِ واهپيدارن رابي پيرزادا جي شادي بابت اڳڪٿيون ۽ تبصرا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
پوسٽ سان گڏ هن ڪجهه شعر به لکيا، پر تصوير ۾ موجود شخص بابت ڪجهه نه ٻڌايو، جڏهن ته سوشل ميڊيا واهپيدار کيس مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو شروع ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.