ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڄڪل بالي ووڊ اداڪار اڪشي کنا جي تازو رليز ٿيل فلم ”ڌُرنڌَر“ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي.
ان ڏس ۾ ڀارتي ميڊيا تي اڪشي کنا جي ذاتي زندگي بابت هڪ رپورٽ گردش ڪري رهي آهي ته هو ۽ ماضي جي مشهور اداڪارا ڪرشما ڪپور شادي ڪرڻ وارا هئا.
واضح رهي ته اڪشي کنا اڃا تائين ڪنوارو آهن، جڏهن ته ماضي ۾ جڏهن ڪرشما جو اجئي ديوگن سان رشتو ٽٽو، تڏهن سندس اڪشي کنا سان ويجهڙائن جون خبرون سامهون آيون.
رپورٽ موجب، ٻنهي جي ويجهڙائي ايتري وڌي وئي هئي جو شادي تائين ڳالهه پهتي ۽ ڪرشما جو پيءُ رنڌير ڪپور به راضي ٿي ويو هو ته ٻئي شادي ڪن، هو اڪشي جي پيءُ ونود کنا سان رشتي جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ وڃڻ وارو هو.
رپورٽ موجب، ڪرشما جي ماءُ ببيتا رشتي جي خلاف هئي، ڇاڪاڻ ته ڪرشما ان وقت پهرين جوڙ جي اداڪارا هئي ۽ ببيتا چاهي پئي ڌيءَ شادي بدران پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏئي.
واضح رهي ته اڪشي کنا عام طور تي پنهنجي ذاتي زندگي بابت خاموش رهندو آهي ۽ هن ڪرشما ڪپور سان پنهنجي ميبنا رومانوي لاڳاپن بابت ڪڏهن به اعتراف ناهي ڪيو.
ان کانپوءِ ڪرشما ڪپور ڪاروباري شخصيت سنجي ڪپور سان شادي ڪئي، جيڪا بعد ۾ طلاق تي ختم ٿي، سندس اڳوڻو مڙس سنجي ڪپور هلندڙ سال ديهانت ڪري ويو.
You might also like