پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگوليٽري اٿارٽي پاران بائنانس ۽ ايڇ ٽي ايڪس کي اين او سي جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگوليٽري اٿارٽي (پي وي اي آر اي ) بائنانس ۽ ايڇ ٽي ايڪس کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيا.
پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل موجب، اين او سي ادارن سان گڏيل صلاح مشوري، جائزي ۽ باظابطا ڪارروائي کان پوءِ جاري ڪيا ويا.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بائنانس ۽ ايڇ ٽي ايڪس کي پاڪستان ۾ شروعاتي تياري ۽ مشاورتي سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي، جڏهن ته اين او سي مڪمل آپريٽنگ لائسنس نه آهي۔
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اين او سي فريم ورڪ جي شروعات مالي نظم ۽ ذميواري سان جدت جو ثبوت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پِي وِي اَي آر اَي دنيا جي پهرين اي آءِ ذريعي هلندڙ ورچوئول ايسٽس ريگوليٽري اٿارٽي بڻجڻ واري آهي، اٿارٽي طرفان ايويليوايشن سسٽم، ريڪروٽمينٽ، پورٽل، اي آءِ اسٽينڊ ٽول متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، ٽول ذريعي نگراني واري صلاحيت ۾ بهتري ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.