يوٽيوب پاليسيون تبديل، تخليقڪارن لاءِ نوان رستا کُلي ويا

يوٽيوب جي موبائل ايپ شروع ۾ رڳو وڊيو ڏسڻ لاءِ متعارف ڪرائي وئي هئي، پر هاڻ ڪيئي ورهين کانپوءِ يوٽيوب جون ترجيحون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ ڪمپني ايپ هاڻوڪي دور جي مواد ڏسڻ وارين عادتن موجب اپڊيٽ ڪري رهي آهي.
ان مقصد لاءِ ايپ جي ڪجهه خاص حصن، جهڙوڪ شارٽس تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن نه رڳو مخالف پليٽ فارمز کي ٽڪر ڏئي سگهجي، پر تخلقيڪارن جا مطالبا به پورا ڪيا وڃن.
ڪمپني ويجهڙ ۾ ايڊوب سان ڀائيواري ڪئي آهي ته جيئن مختصر وڊيوز ٺاهڻ واري عمل ۾ سولائي ٿئي.
هاڻي ڪمپني واهپيدارن کي شارٽس جي تياري لاءِ هڪ ٻيو بهترين ٽول پڻ فراهم ڪري رهي آهي.
اينڊرائيڊ پوليس جي رپورٽ موجب، گوگل طرفان نئين”Create“ موڊ جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي.
نئون موڊ يوٽيوب ايپ ۾ پلس آئڪن تي ڪلڪ ڪرڻ سان کُلي ويندو.
نئين موڊ ۾ مواد ٺاهڻ لاءِ ڪيترائي ٽولز موجود هوندا، جن ۾ اَي آءِ تي ٻڌل ٽولز پڻ شامل آهن.
رپورٽ موجب، واهپيدار ان موڊ ذريعي تصويرون، وڊيو ڪلپس، گرين اسڪرين پس منظر، ميوزڪ ٽريڪ ۽ ٻيو مواد ٺاهي سگهندا.
رپورٽ موجب، گوگل طرفان اِهي تفصيل نه ڏنا ويا آهن ته ڪيئن اَي آءِ واهپيدارن کي تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ ۾ مدد ڪندي، پر امڪان آهي ته ان لاءِ واهپيدار کي هڪ پرومپٽ لکڻو پوندو.
اِهو بلڪل نئون ناهي، ڇو ته يوٽيوب ايپ ۾ اڳ ۾ ئي تجرباتي اي آءِ فيچرز ذريعي وڊيوز ۽ تصويرون ٺاهڻ ممڪن آهن، تنهنڪري ممڪن آهي ته نئين موڊ ۾ اهي ٽولز تجرباتي فيچرز وانگر ئي ڪم ڪن.
في الحال واضح ناهي ته ان ۾ ڪهڙا ٻيا ٽولز موجود هوندا جيڪي اي اءِ تي ٻڌل نه هوندا.
نئون ”Create“ موڊ هن وقت محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي، ڪمپني موجب ان جو مقصد شارٽس ٺاهڻ لاءِ نوان طريقا آزمائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.