ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 540 ملين ڊالر جا ٻه منصوبا منظور ڪري ورتا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن ۽ سنڌ جي سامونڊي ضلعن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ 540 ملين ڊالر جا ٻه منصوبا منظور ڪري ورتا.
اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، 540 ملين ڊالر مان 400 ملين ڊالر نتيجن جي بنياد تي ڏنل قرض ايس او اي ٽرانسفارميشن پروگرام لاءِ مختص ڪيو ويو آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 140 ملين ڊالرز جو رعايتي قرض سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس سيڪٽر پروجيڪٽ لاءِ ڏنو ويو آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب، ايس او اي سڌارن وارو پروگرام پاڪستان جي سرڪاري ادارن ۾ ڪارپوريٽ گورننس ۽ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اهم اڳڀرائي آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان بابت ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فان چيو ته هي پروگرام سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪي معيشت جي مضبوطي ۾ مدد ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جهڙي وڏي اداري جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ تجارتي بنيادن تي استحڪام کي ترجيح ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته هي پروگرام اي ڊي بي جو سرڪاري شعبي ۾ سڌارن لاءِ پهريون مڪمل طور نتيجن سان ڳنڍيل قرض آهي.
ايما فان چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ گذريل ڪيترن سالن کان ايس او اي سڌارن ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ هي نتيجن تي ٻڌل حڪمت عملي گورننس، ادارن جي صلاحيت، ڊجيٽلائيزيشن، روڊ سيفٽي ۽ مالي پائيداري ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.