ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت کانپوءِ وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته خالده ضياءَ ساهه جي تڪليف ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي.
ميڊيڪل بورڊ موجب، اڳوڻي وزيراعظم جي نظام تنفس ۽ ٻين عضون کي سپورٽ ڏيڻ لاءِ کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خالده ضياءَ دل ۽ ڦڦڙن ۾ انفيڪشن جي شڪايت تي 23 نومبر کان اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
You might also like